ایران امریکا مذاکرات: غیر ضروری مطالبات قبول نہیں ہوں گے، ابراہیم عزیزی کا دوٹوک مؤقف

ايران جي قومي سلامتي ڪميٽي جي سربراهه ابراهيم عزيزي چيو آهي ته ايران آمريڪا سان ڳالهيون جاري رکڻ جو فيصلو ڪيو آهي، پر غير ضروري مطالبا هرگز قبول نه ڪيا ويندا۔

هڪ انٽرويو ۾ ابراهيم عزيزي چيو ته ملڪ جا مفاد ۽ سلامتي بچائڻ لاءِ ايران هر ممڪن قدم کڻندو۔ هن مطابق آمريڪا سان ڳالهين لاءِ “آخري حد” مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته اسلام آباد ۾ ٿيندڙ ڳالهين ۾ شرڪت جو دارومدار آمريڪا جي مثبت اشارن تي آهي۔

هن چيو ته ايران آمريڪا سان ڳالهيون هڪ “ميدانِ عمل” طور ڏسي ٿو، جتي ڪاميابي جي صورت ۾ اڳڀرائي ممڪن آهي، پر جيڪڏهن آمريڪا دٻاءَ تي ٻڌل رويو اختيار ڪري يا غير ضروري مطالبا پيش ڪري ته ڳالهيون ممڪن نه هونديون۔

ٻئي پاسي مسعود پزشکیان سوشل ميڊيا پليٽ فارم X تي لکيو ته ڳالهين لاءِ واعدن جي پاسداري بنيادي شرط آهي۔

هن چيو ته ماضي جي تجربن سبب ايران ۾ آمريڪا تي سخت بي اعتمادي موجود آهي، ۽ موجوده رويو ظاهر ڪري ٿو ته آمريڪا ڳالهيون نه پر ايران تي دٻاءُ وجهڻ چاهي ٿو۔

ايراني صدر موجب ايراني قوم ڪڏهن به ڪنهن دٻاءَ اڳيان نه جهڪندي۔ هن چيو ته آمريڪا تي تاريخي بي اعتمادي برقرار آهي ۽ متضاد بيان ڳالهين جي عمل کي متاثر ڪري سگهن ٿا۔

پنھنجي راءِ لکو