مردان (ويب ڊيسڪ): پي ٽي آءِ جلسو، محمود خان اچڪزئي جي عدم شرڪت جو امڪان
مردان ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي جلسي ۾ قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن اڳواڻ محمود خان اچڪزئي جي شرڪت نه ڪرڻ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔
پي ٽي آءِ ذريعن موجب محمود خان اچڪزئي جلسي بابت اعتماد ۾ نه وٺڻ تي پارٽي قيادت کان ناراض آهي، جنهن سبب هن جلسي ۾ شرڪت کان لاچاري ڏيکاري آهي۔
پارٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته مردان جلسي جي تاريخ جو فيصلو وزيراعليٰ سهيل آفريدي ڪيو، جڏهن ته پي ٽي آءِ باني عمران خان جلسي ۽ احتجاج جي حوالي سان اختيار محمود خان اچڪزئي کي ڏنو هو۔
ذريعن وڌيڪ ٻڌايو ته عاطف خان طرفان محمود خان اچڪزئي سان رابطو ڪيو ويو هو، پر هن جلسي ۾ شرڪت تي حتمي رضامندي ظاهر نه ڪئي۔
ٻئي پاسي صوبائي وزير مينا خان چيو آهي ته محمود خان اچڪزئي سان مشاورت جاري آهي ۽ سمورا معاملا گڏجي طئي ڪيا ويندا۔ هن وڌيڪ چيو ته مردان جلسي جا حڪم پي ٽي آءِ باني عمران خان طرفان ڏنا ويا هئا۔
