اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): آمريڪا-ايران ڳالهين سبب جڙواں شهرن ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ
آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ متوقع ٻئي دور جي ڳالهين جي سلسلي ۾ راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي هاءِ الرٽ ڪري ڇڏي وئي آهي۔
وفاقي گادي واري هنڌ تي پرڏيهي وفدن جي اچ وڃ جاري آهي، جنهن سبب جڙواں شهرن کي سيڪيورٽي زون قرار ڏنو ويو آهي۔
حڪام موجب پرڏيهي مهمانن جي اچ وڃ لاءِ فول پروف سيڪيورٽي انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، جڏهن ته گادي واري شهر ۽ مخصوص رستن کي به خوبصورتي سان سينگاريو ويو آهي۔ سيڪيورٽي لاءِ 20 هزار کان وڌيڪ پوليس اهلڪار مقرر ڪيا ويا آهن۔
پوليس طرفان مختلف هنڌن تي گڏيل چيڪ پوسٽون قائم ڪيون ويون آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي خدشن سبب ڪاروباري مرڪزن جا وقت به محدود ڪيا ويا آهن۔
اهم سرڪاري ۽ خانگي عمارتن تي ماهر اسنائپرز مقرر ڪيا ويا آهن ۽ مختلف علائقن ۾ ايليٽ فورس جو موبائل گشت جاري آهي۔
وڌيڪ نفري پنجاب جي مختلف ضلعن مان طلب ڪري مقرر ڪئي وئي آهي، جڏهن ته راولپنڊي ۽ اسلام آباد ۾ هيوي ٽريفڪ جي داخلا تي به پابنديون لاڳو ڪيون ويون آهن۔
انتظاميا جي اعليٰ عملدارن، ڪمشنر ۽ ڊپٽي ڪمشنر راولپنڊي سيڪيورٽي صورتحال جو جائزو وٺڻ لاءِ مختلف علائقن جا دورا به ڪيا آهن۔
