گٽر جو ڍڪ نه هجڻ سبب 6هين ڪلاس جي شاگردياڻي فوت، گهر ۾ ڪهرام

گٽر جو ڍڪ نه هجڻ سبب 6هين ڪلاس جي شاگردياڻي فوت، گهر ۾ ڪهرام

ٽنڊو آدم (ويب ڊيسڪ): گٽر جو ڍڪ نه هجڻ سبب 6هين ڪلاس جي شاگردياڻي فوت، گهر ۾ ڪهرام

ٽنڊو آدم جي خدا بخش ڪالوني ۾ ميونسپل انتظاميا جي مبينا غفلت سبب افسوسناڪ واقعو پيش آيو، جتي گٽر تي ڍڪ نه هجڻ ڪري 12 ورهين جي نينگري ۽ 6هين ڪلاس جي شاگردياڻي طوبى ڌي طارق آرائين گٽر ۾ ڪري فوت ٿي وئي۔

رپورٽ موجب نينگري اوچتو کليل گٽر ۾ ڪري پئي، جنهن بعد علائقي وارن کيس ڪڍي اسپتال پهچايو، جتي ڊاڪٽرن سندس موت جي تصديق ڪري ڇڏي۔

نينگري جو لاش گهر پهچڻ تي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو ۽ علائقو سوڳوار بڻجي ويو۔

وارثن الزام لڳايو آهي ته ميونسپل انتظاميا جي نااهلي سبب شهر جي ڪيترن ئي گٽرن تي ڍڪ موجود نه آهن، ڪيترائي ڀيرا اطلاع ڏيڻ باوجود به ڪو قدم نه کنيو ويو۔ انهن چيو ته اهڙن واقعن جو اڳ به شڪار ٿي چڪا آهن، پر انتظاميا جي لاپرواهي جاري آهي

پنھنجي راءِ لکو