سکر بئراج جي 44 دروازن جي بحالي جون 2026 تائين مڪمل ٿيڻ جي اميد

سکر (ويب ڊيسڪ): آبپاشي کاتي جي صوبائي وزير جام خان شورو سکر بئراج تي ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو آهي ته بئراج جي دروازن جي بحالي جو ڪم تيزي سان جاري آهي ۽ جون 2026 تائين 44 دروازا مڪمل ٿيڻ جي اميد آهي.

هن چيو ته ايندڙ سال ڪئنالن جي دروازن جي بحالي جو ڪم به شروع ڪيو ويندو، جڏهن ته انڊس ريور سسٽم اٿارٽي (ارسا) طرفان اڳواٽ ڄاڻ ڏني وئي آهي ته هن سيزن دوران 27 سيڪڙو پاڻي جي کوٽ جو امڪان آهي.

صوبائي وزير موجب سنڌ جي آبادگارن لاءِ اها خوشخبري آهي ته سکر بئراج جي بحالي وارو اهم منصوبو مقرر وقت اندر مڪمل ٿيڻ طرف وڌي رهيو آهي.

هن ٻڌايو ته پهريون ڀيرو هڪ چيني ڪمپني جديد قسم جو ڪوفر ڊيم نصب ڪيو، جيڪو ٽٽڻ سبب ڪجهه فني مسئلا پيدا ٿيا، پر ڪمپني انهن مسئلن کي حل ڪرڻ ۾ مصروف آهي.

بلاول ڀٽو زرداري جي حوالي سان هن چيو ته موسمي تبديلي عالمي چئلينج آهي، جنهن جو وڏو اثر پاڪستان ۽ خاص طور سنڌ تي پئجي رهيو آهي.

صوبائي حڪومت موسمي تبديلي کان متاثر ماڻهن جي بحالي لاءِ 21 لک گهر تعمير ڪرڻ جي منصوبي تي پڻ ڪم ڪري رهي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو