لاهور (ويب ڊيسڪ): لاهور جي علائقي شاهدره ۾ هڪ پوليس ملازم پاران پنهنجي ئي نُه سان مبينا زيادتي جو افسوسناڪ واقعو سامهون آيو آهي، جنهن تي پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔
تفصيل موجب شاهدره جو رهواسي ۽ اسپيشل برانچ ۾ ڪلارڪ طور مقرر جوابدار رمضان تي الزام آهي ته هو ڪافي عرصي کان پنهنجي نُه کي مبينا زيادتي جو نشانو بڻائيندو رهيو۔
متاثرہ عورت جي والدين جي درخواست تي پوليس فوري ڪارروائي ڪندي ڪيس داخل ڪيو ۽ جوابدار کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو۔
پوليس موجب متاثرہ عورت جي شادي پنج سال اڳ جوابدار جي پٽ سان ٿي هئي ۽ هو ٻن ٻارن جي ماءُ آهي۔ الزام آهي ته جوابدار کيس مسلسل بليڪ ميل ڪندو رهيو ۽ ڳالهه ظاهر ڪرڻ تي سندس والد ۽ ڀائرن کي ڪوڙا ڪيس داخل ڪرائڻ جون ڌمڪيون ڏيندو هو۔
پوليس اختيارين جو چوڻ آهي ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي ۽ جوابدار خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي ويندي ته جيئن متاثرہ عورت کي انصاف ملي سگهي۔
