پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ عدالت ۾ چيلنج، 200 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جي درخواست

پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ تازي واڌ کي آئيني عدالت ۾ چيلنج ڪيو ويو آهي۔ درخواست گذار عدالت کان استدعا ڪئي آهي ته حڪومت کي پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت 200 رپيا في ليٽر مقرر ڪرڻ جو حڪم ڏنو وڃي۔درخواست ۾ حڪومت پاڪستان ۽ سيڪريٽري اسٽيبلشمينٽ ڊويزن کي ڌر بڻايو ويو آهي۔ پٽيشنر جو چوڻ آهي ته ملڪ ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جون قيمتون 400 رپيا في ليٽر تائين پهچڻ غريب عوام سان ناانصافي آهي ۽ عام ماڻهو جي زندگي سخت متاثر ٿي رهي آهي۔درخواست گذار عدالت کان اهو به مطالبو ڪيو آهي ته حڪومت کي ايران کان پيٽروليم شيون خريد ڪرڻ ۽ خليجي ملڪن کان رعايتي اگهن تي تيل حاصل ڪرڻ لاءِ قدم کڻڻ جو حڪم ڏنو وڃي۔پٽيشن ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته پيٽروليم قيمتن ۾ واڌ لاءِ ايران جنگ، آبنائي هرمز جي صورتحال ۽ آءِ ايم ايف جي دٻاءَ کي جواز بڻايو پيو وڃي، جيڪو عوام لاءِ ناقابل برداشت بار بڻجي ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو