گوجرانوالہ ۾ ٽي مبينا پوليس مقابلا، 2 جوابدار مارجي ويا، 3 زخمي حالت ۾ گرفتار

گوجرانوالہ (ويب ڊيسڪ): گوجرانوالہ جي مختلف علائقن ۾ پوليس ۽ ڏوهاري عنصرن وچ ۾ ٿيل ٽن مبينا مقابلن ۾ 2 جوابدار مارجي ويا، جڏهن ته 3 کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو ويو آهي۔
پوليس موجب پهريون مقابلو ٿاڻو لدھیوالا وڑائچ جي حد ۾ ان وقت پيش آيو، جڏهن پوليس ٽيم جوابدارن کي برآمدگي لاءِ وٺي وڃي رهي هئي۔ ان دوران جوابدارن فرار ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي مبينا طور سندن پنهنجن ساٿين جي فائرنگ ۾ 2 جوابدار مارجي ويا۔
مارجي ويلن جي سڃاڻپ ياسر ۽ مصطفیٰ طور ٿي آهي۔ پوليس موجب ياسر پنهنجي زال ۽ ڌيءَ جي قتل جو مبينا ماسٽر مائينڊ هو، جڏهن ته ٻيو جوابدار اجرتي قاتل ٻڌايو وڃي ٿو۔
ٻيو مقابلو ٿاڻو سول لائن جي علائقي ۾ ٿيو، جتي پوليس ڪارروائي ڪندي رڪارڊ يافته جوابدار صديق کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو، جڏهن ته سندس 5 ساٿي فائرنگ ڪندي فرار ٿي ويا۔
ٽيون مقابلو ٿاڻو ڪوتوالي جي حد ۾ ٿيو، جتي پوليس چوري ۽ راهزني جي وارداتن ۾ ملوث خرم شهزاد ۽ حمزه کي زخمي حالت ۾ گرفتار ڪيو۔
پوليس موجب گرفتار جوابدارن وٽان غير قانوني هٿيار ۽ 50 هزار رپيا روڪ رقم پڻ برآمد ڪئي وئي آهي، جڏهن ته فرار جوابدارن جي ڳولا لاءِ سرچ آپريشن جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو