ڪراچي (ويب ڊيسڪ): موسميات کاتي Pakistan Meteorological Department ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي جي شدت وڌڻ جي اڳڪٿي ڪندي چيو آهي ته شهر ۾ في الحال برسات جو ڪو امڪان ناهي.
موسميات کاتي موجب اڄ به ڪراچي ۾ موسم سخت گرم ۽ نمي وارو رهڻ جو امڪان آهي، جڏهن ته ايندڙ ڏينهن ۾ گرمي وڌيڪ وڌي سگهي ٿي.
ترجمان موجب ڏکڻ اولهه طرفان 19 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هوائون هلي رهيون آهن، جڏهن ته هوا ۾ نمي جو تناسب 78 سيڪڙو تائين پهچڻ سبب گرمي جي شدت اصل درجه حرارت کان وڌيڪ محسوس ڪئي پئي وڃي.
موسميات کاتي واضح ڪيو آهي ته في الحال برسات جا امڪان موجود ناهن، جڏهن ته ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ اڄ موسم گرم ۽ خشڪ رهڻ جو امڪان آهي، البت ڪجهه هنڌن تي شام جو موسم ۾ تبديلي متوقع آهي۔
