اسحاق ڊار ۽ ناروي جي نائب پرڏيهي وزير جي ملاقات

ويب ڊيسڪ: نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار سان ناروي جي نائب پرڏيهي وزير آندرياس موٽزفيلٽ ڪروڪ پرڏيهي وزارت ۾ ملاقات ڪئي آهي۔
پرڏيهي وزارت موجب ملاقات دوران خطي جي تبديل ٿيندڙ صورتحال تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي۔ ان موقعي تي اسحاق ڊار پاڪستان جي امن، استحڪام ۽ ڳالهين ذريعي مسئلن جي حل لاءِ ڪوششن تي زور ڏنو۔
ناروي جي نائب پرڏيهي وزير پاڪستان جي تعميري ڪردار ۽ تڪرارن کي پرامن طريقي سان حل ڪرڻ جي ڪوششن جي حمايت جو اظهار ڪيو۔
ملاقات ۾ ٻنهي ملڪن جي ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي به غور ڪيو ويو۔
نارويي وزير اسحاق ڊار کي ايندڙ مهيني اوسلو فورم ۾ شرڪت جي دعوت پڻ ڏني، جنهن تي پرڏيهي وزير ٿورو ادا ڪيو۔
ٻنهي ڌرين امن، استحڪام ۽ ترقي بابت ويجهن رابطن کي جاري رکڻ تي اتفاق ڪيو۔

پنھنجي راءِ لکو