لاهور: ميشا شفيع جي اپيل تي 50 لک هرجاڻي وارو فيصلو معطل

ويب ڊيسڪ: لاهور هاءِ ڪورٽ گلوڪاره ميشا شفيع جي اپيل تي 50 لک روپيا هرجاڻي وارو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو آهي، جيڪو گلوڪار علي ظفر جي حق ۾ ڏنو ويو هو۔
تفصيل موجب لاهور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس احمد نديم ارشد اپيل تي ٻڌڻي ڪئي۔ عدالت هرجاڻي جي ادائيگي وارو فيصلو معطل ڪندي هدايت ڪئي ته هرجاڻي جي اڌ رقم ميشا شفيع عدالت ۾ جمع ڪرائين۔
عدالت ميشا شفيع جي اپيل تي علي ظفر کي نوٽيس جاري ڪندي جواب طلب ڪري ورتو، جڏهن ته ٽرائل ڪورٽ جو مڪمل فيصلو معطل ڪرڻ جي درخواست رد ڪري ڇڏي۔
عدالت ريمارڪس ڏنا ته ٽرائل ڪورٽ پنهنجي فيصلي ۾ ميشا شفيع کي ٻيهر جنسي هراساني جا الزام لڳائڻ کان روڪيو آهي، ۽ ان حصي کي معطل نٿو ڪري سگهجي۔ عدالت چيو ته بغير ثبوتن جي اهڙا سنگين الزام لڳائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي۔
ياد رهي ته سيشن ڪورٽ لاهور هتڪ عزت ڪيس ۾ ميشا شفيع کي 50 لک روپيا هرجاڻو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، جڏهن ته علي ظفر ميشا شفيع خلاف 100 ڪروڙ روپين جي هرجاڻي جو ڪيس به داخل ڪيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو