سون ۽ چاندي جون قيمتون گهٽجڻ جو رجحان

ويب ڊيسڪ: عالمي ۽ مقامي مارڪيٽن ۾ اڄ سومر جي ڏينهن سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڏسڻ ۾ آئي آهي۔

تفصيل موجب عالمي بلين مارڪيٽ ۾ في اونس سون جي قيمت ۾ 38 ڊالر جي گهٽتائي ٿي، جنهن کان پوءِ قيمت 4 هزار 576 ڊالر جي سطح تي اچي وئي۔ ان اثر سبب مقامي مارڪيٽن ۾ به سون جون قيمتون هيٺ آيون آهن۔

سون جون قيمتون:
في تولو سون: 3 هزار 800 روپيا گهٽتائي بعد 4 لک 79 هزار 962 روپيا
في 10 گرام سون: 3 هزار 257 روپيا گهٽتائي بعد 4 لک 11 هزار 490 روپيا
چاندي جون قيمتون:

مقامي صرافه مارڪيٽ ۾ چاندي جي قيمت ۾ به گهٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي:

في تولو چاندي: 100 روپيا گهٽتائي بعد 7 هزار 914 روپيا
في 10 گرام چاندي: 86 روپيا گهٽتائي بعد 6 هزار 784 روپيا

مارڪيٽ ماهرن موجب عالمي سطح تي قيمتن ۾ ڦيرڦار سبب مقامي مارڪيٽ به متاثر ٿي رهي آهي، جنهن جي ڪري سون ۽ چاندي جي قيمتن ۾ مسلسل اتار چڙهاءُ ڏسڻ ۾ اچي رهيو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو