جيڪب آباد: پسند جي شادي تڪرار تي هٿياربند حملو، درجنين گهرن کي باهه

جيڪب آباد (ويب ڊيسڪ): جيڪب آباد ۾ پسند جي شادي جي تڪرار خطرناڪ صورت اختيار ڪري وئي، جتي هٿياربند ماڻهن حملو ڪري درجنين گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، جنهن سان علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو۔

تفصيل موجب واقعو ٺل تعلقي ۾ پيش آيو، جتي ميرپور برڙو ٿاڻي جي حدن ۾ ڳوٺ محمد صديق آرائين تي سوين هٿياربند ماڻهن مبينا طور حملو ڪيو۔

اکين ڏٺن شاهدن موجب حملي آور ڪيترن ئي ڪلاڪن تائين علائقي ۾ دندنائيندا رهيا ۽ شديد فائرنگ بعد گهرن کي باهه ڏئي تباهه ڪيو۔ هنن بغير ڪنهن مزاحمت جي کلي عام تباهي مچائي۔

پوليس موجب شروعاتي جاچ ۾ واقعو پسند جي شادي جي تڪرار جو نتيجو لڳي ٿو۔ ڇوڪري جي اغوا جو ڪيس به داخل ڪيو ويو هو، پر بعد ۾ ڇوڪري ۽ ڇوڪرو حيدرآباد جي عدالت ۾ شادي ڪري چڪا هئا۔

مقامي ذريعن موجب لڳ ڀڳ ڏيڍ سئو گهرن ۽ انهن ۾ موجود سامان کي باهه ڏئي مڪمل طور ساڙي ڇڏيو ويو، جنهن سبب علائقي جا رهواسي سخت متاثر ٿيا آهن۔

واقعي کان پوءِ علائقي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جڏهن ته پوليس ۽ لاڳاپيل ادارن وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو