ڪراچي: گلشن اقبال ۾ فائرنگ، چانهه جي هوٽل تي ويٺل شخص قتل

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): گلشن اقبال جي علائقي ۾ چانهه جي هوٽل تي ويٺل هڪ شخص کي مٿي ۾ گولي هڻي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته هڪ ٻيو شخص زخمي ٿي پيو۔

پوليس موجب واقعو گلشن اقبال بلاڪ 11 ۾ پيش آيو، جتي نامعلوم هٿياربندن جي فائرنگ سبب 52 ورهين جو واجد موقعي تي ئي فوت ٿي ويو۔ مقتول کي مٿي ۾ گولي لڳي هئي۔

فائرنگ دوران 55 ورهين جو راجا بشير به زخمي ٿيو، جنهن کي ٽنگ ۾ گولي لڳي ۽ کيس فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔

پوليس جو چوڻ آهي ته مقتول هوٽل ٻاهران ڪرسي تي ويٺل هو ته هٿياربند پٺيان اچي فائرنگ ڪري فرار ٿي ويا۔ واقعي واري هنڌ تان مقتول جو موبائل فون به هٿ ڪيو ويو آهي۔

ابتدائي ڄاڻ موجب مقتول واجد لياقت آباد جو رهواسي هو، جڏهن ته زخمي راجا بشير گلشن اقبال جو رهواسي ۽ پيشواري طور رڪروٽنگ ايجنٽ آهي۔

لاش کي جناح اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته پوليس زخمي کان وڌيڪ پڇا ڳاڇا ڪري رهي آهي ۽ واقعي جي مختلف رخن کان جاچ جاري آهي۔

پنھنجي راءِ لکو