ملتان: هڪ گهر مان عورت ۽ 3 ٻارن جا لاش هٿ، قتل جو انڪشاف

ملتان (ويب ڊيسڪ): ممتاز آباد ڦاٽڪ جي علائقي ۾ هڪ گهر مان عورت ۽ سندس ٽن ٻارن جا ڦاهي لڳل لاش هٿ آيا آهن، جنهن سان علائقي ۾ خوف ۽ ڏک جي لهر ڇانئجي وئي آهي۔
پوليس موجب ابتدائي جاچ ۾ واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش لڳي ٿي، جڏهن ته شڪ جي بنياد تي عورت جي مڙس ۽ ڏير کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔
فوت ٿيل ٻارن جون عمرون 4 کان 7 سال جي وچ ۾ ٻڌايون پيون وڃن۔ مڙس پنهنجي ابتدائي بيان ۾ چيو ته گهر ۾ زال سان اڪثر جهيڙو ٿيندو رهندو هو۔
اسپتال ذريعن موجب عورت ۽ ٻارن جو پوسٽ مارٽم مڪمل ڪيو ويو آهي، جنهن ۾ انڪشاف ٿيو ته ٽنهي ٻارن جي موت گلو دٻائڻ سبب ٿي آهي، ۽ انهن کي قتل ڪرڻ کان پوءِ ڦاهي ڏني وئي۔
نمونا وڌيڪ جاچ لاءِ فرانزڪ ليب موڪليا ويا آهن، جڏهن ته پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان تفصيلي جاچ جاري آهي۔
پوليس موجب مقتوله جي ماءُ جي مدعيت تي عورت جي مڙس ۽ سندس ڀاءُ سميت ٽن ڄڻن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو