جيڪب آباد ۾ پسند جي شادي بعد چنه برادري جي هٿياربند ماڻهن ڳوٺ محمد صديق آرائين تي حملو ڪري برڙو برادري جا ڪيترائي گهر ساڙي ڇڏيا۔ پوليس موجب سدره چنه ۽ محمد حسن 5 مئي تي حيدرآباد ۾ پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي هئي، جنهن جي وڊيو سامهون اچڻ بعد صورتحال ڇڪتاڻ جو شڪار ٿي وئي۔
پوليس مطابق هٿياربند ماڻهن 100 کان وڌيڪ گهرن کي باهه ڏئي ڇڏي، جڏهن ته واقعي جا ٻه الڳ ڪيس داخل ڪيا ويا آهن، جن ۾ هڪ ڳوٺ ساڙڻ ۽ ٻيو ڇوڪري جي اغوا جو شامل آهي۔ ڇوڪري پنهنجي وڊيو بيان ۾ چيو آهي ته هوءَ بالغ آهي ۽ پنهنجي مرضي سان شادي ڪئي آهي، جڏهن ته محمد حسن حڪومت کان تحفظ ڏيڻ جي اپيل ڪئي آهي۔
سنڌ حڪومت جي ترجمان سعديه جاويد چيو آهي ته ڇوڪري حڪومت جي تحويل ۾ محفوظ آهي ۽ پسند جي شادي هر عورت جو حق آهي۔ هن ٻڌايو ته پوليس بروقت پهچي 5 جوابدار گرفتار ڪيا، جڏهن ته ٻيا جوابدار فرار ٿي ويا۔ حڪومت متاثر خاندانن جي نقصان جو ازالو پڻ ڪندي۔
ايس ايس پي فيضان علي موجب واقعي بعد ڳوٺ ۾ پوليس پڪٽون قائم ڪيون ويون آهن ۽ صورتحال ڪنٽرول ۾ آهي۔ پوليس دهشتگردي جي دفعات تحت ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته متاثر برڙو برادري کي مڪمل تحفظ فراهم ڪيو پيو وڃي۔
