آمريڪا ۽ ايران جي وچ ۾ ممڪن امن معاهدي بابت اهم تفصيلون سامهون آيون آهن، جن موجب علائقي ۾ جنگ بندي جي مدي ۾ 60 ڏينهن جي واڌ جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي۔
آمريڪي ميڊيا اداري “ايگزيوس” موجب مجوزه معاهدي تحت آمريڪي فوجون علائقي ۾ موجود رهنديون، جڏهن ته اسٽريٽجڪ اهميت واري آبنائي هرمز کي بغير ڪنهن ٽول ٽيڪس جي سامونڊي ٽريفڪ لاءِ مڪمل طور کوليو ويندو۔
رپورٽن مطابق ايران تي لاڳو معاشي پابندين ۾ نرمي ڪئي ويندي، جنهن بعد ايران کي آزادي سان تيل وڪڻڻ جي اجازت ملندي ۽ ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي به ختم ڪئي ويندي۔
معاهدي جي بدلي ۾ ايران يورينيم جي افزودگي محدود ڪرڻ ۽ ڪڏهن به جوهري هٿيار حاصل نه ڪرڻ جي زباني خاطري ڪرائي آهي۔ مجوزه مسودي ۾ لبنان ۾ اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ جاري جنگ ختم ڪرڻ جو ذڪر پڻ شامل آهي۔
آمريڪي ميڊيا موجب هن اهم سفارتي اڳڀرائي ۾ پاڪستان ثالث طور بنيادي ڪردار ادا ڪيو آهي، جڏهن ته انهن ڪوششن جي قيادت فيلڊ مارشل عاصم منير ڪري رهيا آهن۔ سندن تازو دوروِ ايران پڻ انهيءَ سفارتي عمل جي اهم ڪڙي قرار ڏنو پيو وڃي۔
