ڪوئيٽا ۾ چمن ڦاٽڪ ڀرسان ڌماڪو، 10 ڄڻا زخمي

ڪوئيٽا ۾ چمن ڦاٽڪ ويجهو زوردار ڌماڪي جي نتيجي ۾ گهٽ ۾ گهٽ 10 ماڻهو زخمي ٿي پيا آهن۔ پوليس موجب ڌماڪو ريلوي ٽريڪ ڀرسان گذرندڙ ٽرين جي ويجهو ٿيو، جنهن بعد ٽريڪ جي آس پاس واري علائقي ۾ باهه ڀڙڪي اٿي۔حڪامن جو چوڻ آهي ته ڌماڪو ايترو شديد هو جو ان جي آواز پري پري تائين ٻڌي وئي، جڏهن ته ويجهن عمارتن جا شيشا ۽ دريون پڻ ٽٽي پيون۔ زخمين کي فوري طبي امداد لاءِ ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔ٻئي طرف بلوچستان جي خصوصي معاون براءِ داخلا واقعي جو نوٽيس وٺندي چيو آهي ته انتظاميا ۽ پوليس واقعي بابت مڪمل معلومات گڏ ڪري رهي آهي۔ هن ٻڌايو ته ڌماڪي کان پوءِ صوبي جي گادي واري شهر ۾ سڀني لاڳاپيل ادارن ۽ امدادي ٽيمن کي هاءِ الرٽ ڪيو ويو آهي۔سيڪيورٽي فورسز علائقي کي گهيري ۾ وٺي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي، جڏهن ته ريسڪيو ۽ سيڪيورٽي انتظام وڌيڪ سخت ڪيا ويا آهن۔

پنھنجي راءِ لکو