پشاور مان اغوا ٿيل 11 ورهين جي نينگري حورم سعيد پٺاڻ کي شڪارپور جي ڪچي واري علائقي ۾ سنڌ پوليس جي ڪامياب آپريشن دوران باحفاظت بازياب ڪيو ويو آهي۔
سنڌ پوليس جي ترجمان موجب آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو جي هدايتن تي شڪارپور پوليس ڪوٽ شاهو واري علائقي ۾ سخت آپريشن ڪيو، جنهن دوران مرڪزي اغواڪار عبدالوحيد عرف مُلا مارجي ويو جڏهن ته ڪيترائي ڌاڙيل زخمي ٿيا۔
بيان موجب ڪامياب ڪارروائي تي آءِ جي سنڌ ڊي آءِ جي لاڙڪاڻو ناصر آفتاب، ايس ايس پي شڪارپور محمد ڪليم ملڪ ۽ آپريشن ۾ شامل پوليس ٽيم کي شاباش ڏيندي نقد انعامن ۽ تعريفي سرٽيفڪيٽن جو اعلان ڪيو آهي۔
پوليس اختيارين موجب سوشل ميڊيا تي اغوا بابت خبرن جو نوٽيس وٺڻ بعد ايس ايس پي شڪارپور کي فوري ڪارروائي جا حڪم ڏنا ويا هئا۔ ساڳئي آپريشن دوران لاهور سان تعلق رکندڙ جنيفر عامر مسيح کي پڻ بازياب ڪرايو ويو۔آپريشن دوران ٻه اغواڪار عبدالوحيد عرف ملا ۽ ياسين بنگلاني مارجي ويا۔ آءِ جي سنڌ موجب پوليس اهلڪارن بهادري، پيشاورانه مهارت ۽ جوانمردي جو مظاهرو ڪندي مغوي نينگرين کي باحفاظت بازياب ڪرايو۔
