اسلام آباد: سنڌ، بلوچستان، پنجاب، خيبرپختونخوا ۽ آزاد ڪشمير جي مختلف شهرن ۾ تيز آندهي، موسلاڌار برسات ۽ ڳڙا وسڻ سبب معمولات زندگي متاثر ٿي ويا، جڏهن ته مختلف حادثن ۾ 4 ڄڻا فوت ۽ 19 زخمي ٿي پيا.ڪنڌڪوٽ ڀرسان هڪ ڳوٺ ۾ وڄ ڪرڻ سبب هڪ شخص فوت ۽ 3 ڄڻا زخمي ٿي پيا، جڏهن ته روجھان ۾ طوفاني آندهي دوران سولر پليٽون اڏامي وڃڻ سبب 2 ڄڻا فوت ۽ هڪ زخمي ٿيو.صادق آباد ۾ تيز هوائن ۽ موسلاڌار برسات سبب وڻ، سائن بورڊ، ڀتيون ۽ بجلي جا پول ڪري پيا، جنهن جي نتيجي ۾ 3 ڄڻا زخمي ٿيا.سکر، جيڪب آباد، ٺل، ڳڙهي خيرو، شهدادڪوٽ، ميهڙ، نصير آباد ۽ ڊيره مراد جمالي سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ برسات ۽ ڳڙن سبب گرمي جو زور ٽٽي ويو ۽ موسم خوشگوار ٿي ويو. قبو سعيد خان ۾ آنڊي جيترا وڏا ڳڙا پڻ ڪريا.نوشهروفيروز ۾ شديد آندهي دوران هڪ عورت فوت ٿي وئي، جڏهن ته 12 ڄڻا زخمي ٿيا. پڊعيدن گرڊ اسٽيشن جي ڀت ڪرڻ سبب عورت فوت ٿي ۽ 7 ڄڻا زخمي ٿيا، جن ۾ 3 ننڍڙا ٻار به شامل آهن.آزاد ڪشمير جي ضلعي ڪوٽلي ۾ موسلاڌار برسات سبب مختلف حادثن ۾ 5 ڄڻا زخمي ٿي پيا. زخمين جي وارثن تتہ پاڻي اسپتال ۾ ڊاڪٽرن جي غير موجودگي خلاف احتجاج پڻ ڪيو.سکر ۾ طوفاني برسات سبب مواصلاتي ۽ بجلي جو نظام سخت متاثر ٿيو. سيپڪو ريجن جا 46 گرڊ اسٽيشن متاثر ٿيا، جڏهن ته ڪيترائي ٽرانسميشن لائينون ۽ بجلي جا پول پڻ نقصان جو شڪار ٿيا. سيپڪو ترجمان موجب بجلي جي بحالي لاءِ ٽيمون سرگرم آهن.ٻئي طرف راولپنڊي، لاهور، فيصل آباد، وزير آباد، پشاور، ايبٽ آباد، گليات، نٿيا گلي، ايوبيا، ٿنڊياني، ميرپور، منگلا ۽ اسلام ڳڙهه ۾ برسات سبب موسم خوشگوار ٿي ويو، جڏهن ته ڪراچي ۾ اڃا تائين گرمي برقرار آهي.
