ولپنڊي: پاڪ فوج جي تاريخ جي هڪ اهم باب تي ٻڌل ڪتاب ”ريسڪيونگ دي يو ايس رينجرز“ کي پهريون ڀيرو عوام آڏو پيش ڪيو ويو آهي.آرمي انسٽيٽيوٽ آف ملٽري هسٽري ۾ ان سلسلي ۾ هڪ باوقار تقريب منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪ فوج جي غازين، استادن، مشهور شخصيتن ۽ وڏي انگ ۾ شهرين شرڪت ڪئي.مشهور ليکڪ سرمد ضيا جي لکيل هن ڪتاب ۾ پاڪ فوج جي بهترين رٿابندي، پيشاورانه صلاحيتن ۽ ڪامياب فوجي آپريشن جي ڪهاڻي بيان ڪئي وئي آهي. ڪتاب ۾ صوماليه جي گادي واري شهر موغاديشو ۾ ڪيل هڪ اهم ۽ تاريخي فوجي آپريشن جا تفصيل شامل آهن.”ريسڪيونگ دي يو ايس رينجرز“ ۾ آپريشن دوران پيش آيل حالتن، مشڪلاتن ۽ حاصل ڪيل ڪاميابين کي تفصيل سان بيان ڪيو ويو آهي. ڪتاب ۾ تاريخي حقيقتن سان گڏ آپريشن ۾ حصو وٺندڙ پاڪستاني غازين جا انٽرويو پڻ شامل آهن.تقريب دوران آپريشن ۾ شامل بهادر غازين پنهنجا تجربا ۽ يادون شرڪت ڪندڙن سان ونڊيون.واضح رهي ته 1993ع ۾ صوماليه ۾ هڪ اهم فوجي ڪارروائي دوران پاڪستاني فوج ڦاٿل آمريڪي رينجرز کي محفوظ نموني بچائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو هو، جنهن کي فوجي تاريخ جو هڪ اهم واقعو سمجهيو وڃي ٿو.
