ڪراچي: شهر قائد ۾ سخت گرمي ۽ ٻوسٽ جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته موسميات کاتي اڳڪٿي ڪئي آهي ته جون مهيني دوران به گرمي جي شدت برقرار رهندي ۽ في الحال برسات جو ڪو امڪان ناهي.موسميات کاتي موجب ڪراچي جو موسم اڄ به گرم ۽ نمي وارو آهي. صبح جو هوا ۾ نمي جو تناسب 69 سيڪڙو رڪارڊ ڪيو ويو، جنهن سبب گرمي جي شدت وڌيڪ محسوس ڪئي پئي وڃي.کاتي موجب اڄ شهر جو وڌ کان وڌ گرمي پد 36 کان 38 ڊگري سينٽي گريڊ رهڻ جو امڪان آهي، پر ٻوسٽ سبب محسوس ٿيندڙ گرمي ان کان گهڻي ٿي سگهي ٿي.ماهرن جو چوڻ آهي ته مئي جي آخري هفتي کان شروع ٿيل سخت گرمي جون جي شروعاتي ڏينهن ۾ به جاري آهي. موسميات کاتي واضح ڪيو آهي ته هن مهيني ڪراچي ۾ برسات جا امڪان نه هئڻ جي برابر آهن.شهرين کي صلاح ڏني وئي آهي ته غير ضروري طور تي تيز سج ۾ نڪرڻ کان پاسو ڪن، گهڻو پاڻي پيئن ۽ گرمي کان بچاءَ لاءِ احتياطي اپاءَ اختيار ڪن.
