تيزاب حملي جي متاثر ڊاڪٽر ماه نور ناصر جو ڪراچي ۾ علاج جاري، حالت خطري کان ٻاهر

تيزاب حملي جي متاثر ڊاڪٽر ماه نور ناصر جو ڪراچي ۾ علاج جاري، حالت خطري کان ٻاهرڪراچي: بلوچستان جي گادي واري شهر Quetta ۾ تيزاب حملي ۾ زخمي ٿيل ڊاڪٽر Mah Noor Nasir کي ڪراچي جي Aga Khan University Hospital ۾ داخل ڪري علاج شروع ڪيو ويو آهي.اسپتال ذريعن موجب ڊاڪٽر ماه نور 13 سيڪڙو تيزاب سبب سڙي زخمي ٿي آهي. تيزاب جي اثر سان ٻنهي اکين جي ڀرپاسي وارا حصا متاثر ٿيا آهن، جڏهن ته سندس نظر محفوظ آهي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسپتال پهچڻ شرط ڊاڪٽرن ابتدائي معائنو ۽ ضروري ٽيسٽ مڪمل ڪيا. پلاسٽڪ سرجري ۽ اکين جي ماهرن به تفصيلي جائزو ورتو آهي. سندس چهري، پيٽ ۽ ساڄي هٿ تي ساڙ جا نشان موجود آهن.
اسپتال انتظاميا موجب ڊاڪٽر ماه نور کي اسپيشل ڪيئر يونٽ منتقل ڪيو ويو آهي، جتي 24 ڪلاڪن کان پوءِ ٻهر طبي معائنو ڪيو ويندو. ڊاڪٽرن جو چوڻ آهي ته مريضه جي حالت اطمينان بخش آهي ۽ صحت ۾ تدريجي بهتري اچي رهي آهي.
ماهرن موجب ٻنهي اکين جا ڪارنيا معمولي طور متاثر ٿيا آهن، پر بينائي مڪمل طور محفوظ آهي. اکين جي ماهر ڊاڪٽرن جي نگراني ۾ علاج جاري آهي، جڏهن ته پلاسٽڪ سرجري سميت مختلف شعبن جا ماهر به مسلسل طبي نگراني ڪري رهيا آهن.اسپتال ذريعن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽر ماه نور هاڻي خطري کان ٻاهر آهي، جڏهن ته Balochistan حڪومت به سندس علاج جي عمل جي ويجهي نگراني ڪري رهي آهي.

پنھنجي راءِ لکو