شڪارپور ۾ 60 ڌاڙيلن هٿيار ڦٽا ڪيا، هڪ ڪروڙ انعام يافته بيلو تيغاڻي به شامل

شڪارپور: سنڌ جي ڪچي وارن علائقن ۾ جاري ”نجات مهراڻ“ پوليس آپريشن دوران 60 ڌاڙيلن سنڌ حڪومت جي سرينڊر پاليسي تحت پنهنجا هٿيار ڦٽا ڪري پاڻ کي قانون حوالي ڪري ڇڏيو آهي.ايس ايس پي شڪارپور محمد کلیم ملک موجب هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ بيلو تيغاڻي، بڊاڻي، سبزوئي ۽ ٻين بدنام ڏوهاري ٽولن جا ميمبر شامل آهن، جيڪي قتل، ڦر، رهزني، اغوا براءِ تاوان ۽ ٻين سنگين ڏوهن جي ڪيسن ۾ گهربل هئا.هن ٻڌايو ته هڪ ڪروڙ رپيا انعام يافته ۽ 102 ڪيسن ۾ گهربل خطرناڪ ڌاڙيل بيلو تيغاڻي پڻ پنهنجي ساٿين سميت سرينڊر ڪيو آهي، جنهن کي نجات مهراڻ آپريشن جي وڏي ڪاميابي قرار ڏنو پيو وڃي.سرينڊر جي مرڪزي تقريب پولیس ہیڈکوارٹر گراؤنڈ ۾ ٿي، جتي پوليس ۽ ضلعي انتظاميا جا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا.هٿيار ڦٽا ڪندڙن ۾ عبدالرحمان تيغاڻي، منظور جعفري، محرم تيغاڻي، علي گل، وحيد سبزوئي، ٽوڙو عرف مير شر، سلطان بجاراڻي، بشير ڀيو ۽ منظور تيغاڻي سميت ڪيترائي گهربل جوابدار شامل هئا، جن تي مختلف رقم جا انعام به مقرر هئا.تقريب دوران سرينڊر ڪندڙن پنهنجا هٿيار اختيارين حوالي ڪيا ۽ مستقبل ۾ ڏوهن کان پري رهڻ جو عزم ظاهر ڪيو. ايس ايس پي محمد ڪليم ملڪ چيو ته سڀني سرينڊر ڪندڙن سان قانون ۽ آئين موجب ڪارروائي ڪئي ويندي ۽ ڪنهن سان به امتيازي سلوڪ نه ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته سنڌ حڪومت جي سرينڊر پاليسي تحت هٿيار ڦٽا ڪندڙن کي قانوني عمل مان گذرڻو پوندو ۽ سندن ڪيسن بابت فيصلا عدالتن جي حڪمن مطابق ڪيا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو