لاهور: حنا پرویز بٹ مبينا منشيات فروش ڪردار ’انمول عرف پنڪي‘ تي ڊرامو ٺاهڻ جي خبرن تي سخت ردعمل ظاهر ڪندي ان قدم جي مخالفت ڪئي آهي.مسلم ليگ (ن) جي اڳواڻ ۽ پنجاب وومين پروٽيڪشن اٿارٽي جي چيئرپرسن حنا پرويز بٽ سوشل ميڊيا پليٽ فارم ايڪس تي جاري ڪيل پنهنجي بيان ۾ چيو ته جيڪڏهن پنڪي تي واقعي ڪو ڊرامو يا سيريل تيار ڪيو پيو وڃي ته اهو انتهائي افسوسناڪ ۽ غير ذميواراڻو عمل هوندو.هن چيو ته اهڙي عورت، جنهن تي منشيات فروشي ۽ ٻين ڏوهن جا الزام آهن، ان کي ڪنهن به صورت ۾ رول ماڊل طور پيش نه ڪرڻ گهرجي. سندس خيال موجب سماج ۾ مثبت ڪردار ادا ڪندڙ عورتن جي موجودگي ۾ اهڙن تڪراري ڪردارن کي نمايان ڪرڻ مناسب ناهي.حنا پرويز بٽ وڌيڪ چيو ته اهڙيون پروڊڪشنون انهن عورتن جي خدمتن کي نظرانداز ڪن ٿيون، جن سماج جي ترقي، ڀلائي ۽ سڌاري لاءِ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن ميڊيا انڊسٽري کان مطالبو ڪيو ته صرف ريٽنگ ۽ مالي فائدي خاطر منفي ڪردارن کي هيرو بڻائي پيش ڪرڻ کان پاسو ڪيو وڃي.
هن زور ڀريو ته اهڙي ڪنهن به ڪوشش کي فوري طور روڪيو وڃي ته جيئن سماج ۾ مثبت ۽ تعميري قدرن کي هٿي ملي سگهي۔
