حجره شاهه مقيم ۾ پيزا شاپ ۾ گئس سلينڊر ڌماڪو، باهه لڳڻ سبب 3 ورڪر زخمي

حجره شاهه مقيم: هڪ مشهور پيزا شاپ ۾ گئس سلينڊر ڦاٽڻ سبب خوفناڪ باهه لڳي وئي، جنهن جي نتيجي ۾ ’ستھرا پنجاب‘ مهم جا 3 ورڪر سخت زخمي ٿي پيا، جڏهن ته دڪان ۾ موجود لکين رپين جو سامان سڙي تباهه ٿي ويو.يسڪيو عملدارن موجب حادثو ان وقت پيش آيو جڏهن پيزا شاپ اندر موجود گئس سلينڊر اوچتو زوردار ڌماڪي سان ڦاٽي پيو. ڌماڪي کان پوءِ وڌيڪ ڌماڪا به ٿيا ۽ باهه تيزي سان سڄي دڪان ۾ پکڙجي وئي.طلاع ملندي ئي ريسڪيو 1122 جون ٽيمون ۽ فائر برگيڊ جا اهلڪار واقعي واري هنڌ پهچي ويا. امدادي ڪارروائي دوران زخمين کي باهه ۽ ملبو مان ڪڍي ابتدائي طبي امداد فراهم ڪئي وئي ۽ پوءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو.باهه سبب دڪان ۾ موجود قيمتي مشينري، فرنيچر ۽ ٻيو سامان مڪمل طور سڙي ويو، جنهن سان لکين رپين جو مالي نقصان ٿيو.ريسڪيو 1122 جي فائر فائٽرن مسلسل آپريشن ڪندي باهه تي ضابطو آڻڻ ۽ ان کي ڀرپاسي جي دڪانن تائين پکڙجڻ کان روڪڻ لاءِ قدم کنيا۔

پنھنجي راءِ لکو