پشاور ہائیکورٹ گريڊ 17 ۽ ان کان مٿانهين ملازمن جي مفت بجلي جي سهولت ختم ڪرڻ بابت حڪومتي نوٽيفڪيشن معطل ڪندي وفاقي حڪومت جي فيصلي تي عملدرآمد روڪي ڇڏيو آهي.
عدالت ٽرائبل اييريا اليڪٽرڪ سپلاءِ ڪمپني جي ملازمن پاران داخل ڪيل درخواست تي گذريل ٻڌڻي جو لکت وارو حڪم جاري ڪيو. حڪم موجب وفاقي حڪومت جا 5 ڊسمبر 2023 ۽ 6 مئي 2026 وارا نوٽيفڪيشن في الحال معطل رهندا.
عدالت سڀني ڌرين کي نوٽيس جاري ڪندي ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي 18 جون تائين ملتوي ڪري ڇڏي آهي.
ٻڌڻي دوران درخواستگذار جي وڪيل موقف اختيار ڪيو ته مفت بجلي جي سهولت ملازمن جي سروس معاهدي ۽ بنيادي ملازمت واري حق جو حصو آهي، تنهنڪري حڪومت ان کي هڪ طرفي طور ختم نٿي ڪري سگهي.
وڪيل موجب اهو قدم پاڪستان جي آئين جي آرٽيڪل 4، 18، 24 ۽ 25 جي خلاف آهي. هن عدالت کي ٻڌايو ته گريڊ 17 ۽ ان کان مٿانهين ملازمن جي مفت بجلي واري سهولت اڳوڻي نگران حڪومت ختم ڪئي هئي، جڏهن ته نگران حڪومت وٽ اهڙا اهم پاليسي فيصلا ڪرڻ جو قانوني اختيار موجود نه هو.
وڪيل وڌيڪ دليل ڏنو ته ٽيسڪو هڪ خودمختيار ڪارپوريٽ ادارو آهي، تنهنڪري حڪومت جو هڪ طرفو نوٽيفڪيشن ڪمپني جي پنهنجي قاعدن ۽ ضابطن سان هم آهنگ ناهي۔
