آبنائے هرمز ڀرسان آمريڪي فوج جو هڪ اپاچي هيليڪاپٽر ڪيرائڻ واري واقعي کان پوءِ وچ اوڀر ۾ ڇڪتاڻ ۾ نمايان اضافو ڏٺو پيو وڃي. آمريڪي فوج واقعي جي جواب ۾ ايران خلاف محدود فضائي حملا شروع ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ موجب هي ڪارروائي آمريڪي هيليڪاپٽر کي نشانو بڻائڻ جي ردعمل طور ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته حملن ۾ ايران جي مخصوص فوجي هدفن، فضائي دفاعي نظامن ۽ ريڊار تنصيبات کي نشانو بڻايو پيو وڃي.رپورٽن موجب اپاچي هيليڪاپٽر آبنائے هرمز ڀرسان گشت دوران تباهه ٿيو، پر ان ۾ سوار ٻئي اهلڪار محفوظ رهيا ۽ کين بچائي ورتو ويو. آمريڪي صدر Donald Trump ايران کي واقعي جو ذميوار قرار ڏيندي چيو آهي ته آمريڪا هن حملي جو جواب ڏيندو.ايران به آمريڪي حملن تي سخت ردعمل ۽ ممڪن جوابي ڪارروائي جي خبرداري ڏني آهي، جنهن سبب علائقي ۾ وڌيڪ ڇڪتاڻ ۽ وڏي تڪرار جا خدشا وڌي ويا آهن.
