پاڪستان تي قرضن جو بار 97 هزار ارب رپين کان وڌي ويو، عوام مهانگائي سبب پريشان

پاڪستان تي قرضن جو بار لڳاتار وڌندو پيو وڃي، پر ان جو سڌو فائدو يا رليف عام ماڻهن تائين نٿو پهچي. مالي بدانتظامي، ڪرنٽ اڪائونٽ خسارو ۽ پراڻن قرضن جي ادائيگي لاءِ نوان قرض وٺڻ واري پاليسي ملڪ جي معاشي صورتحال کي وڌيڪ ڳنڀير بڻائي رهي آهي.اي آر وائي نيوز لاهور جي هڪ خاص وڊيو رپورٽ ۾ شهرين وڌندڙ مهانگائي ۽ معاشي حالتن تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو. رپورٽ موجب پاڪستان هن وقت مجموعي طور 97 هزار 37 ارب رپين جي قرض هيٺ دٻيل آهي، جڏهن ته گذريل سال اهو قرض 89 هزار 774 ارب رپيا هو. اهڙي طرح صرف هڪ سال دوران قومي قرضي ۾ 7 هزار 553 ارب رپين جو اضافو رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو