لاهور: پنجاب جي گادي واري شهر لاهور جي علائقي ڪوٽ لکپت ۾ گهريلو تڪرار دوران مڙس پنهنجي زال کي قتل ڪري ڇڏيو۔
پوليس موجب 30 ورهين جي فرحانه کي سندس مڙس جهيڙي دوران ڪاوڙ ۾ اچي مٿي تي پٿر هڻي قتل ڪري ڇڏيو۔
واقعي جي اطلاع ملڻ تي پوليس ڪارروائي ڪندي جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي۔
پوليس جو چوڻ آهي ته جوابدار خلاف ڪيس داخل ڪري وڌيڪ جاچ شروع ڪئي وئي آهي۔
ايس پي ماڊل ٽائون چيو آهي ته قانون هٿ ۾ کڻندڙ ڪنهن به رعايت جا حقدار ناهن. واقعي واري هنڌ تان ثبوت گڏ ڪري جاچ جو آغاز ڪيو ويو آهي۔
