وفاقي جاچ اداري (ايف آءِ اي) اميگريشن ڪراچي ايئرپورٽ تي وڏي ڪارروائي ڪندي جعلي پولش ورڪ ويزا تي يورپ وڃڻ جي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي ۽ صوابي واسي مسافر دائود خان کي حراست ۾ وٺي ڇڏيو.ايف آءِ اي جي ترجمان موجب اميگريشن ڪليئرنس دوران مسافر جي پاسپورٽ جي جاچ ڪئي وئي، جنهن دوران سندس پولش ورڪ ويزا جعلي ۽ ڪائونٽر فٽ ثابت ٿيو. الٽرا وائلٽ تصديق ۽ ٻين سيڪيورٽي خاصيتن جي جاچ ۾ به ويزا اصل معيارن تي پورو نه لٿو.
جاچ دوران جوابدار اعتراف ڪيو ته پولينڊ جو ويزا ٻه ڀيرا رد ٿيڻ کان پوءِ هن فيس بڪ ذريعي هڪ ايجنٽ سان رابطو ڪيو هو. ايجنٽ بائننس ڪرپٽو ڪرنسي ذريعي کانئس 2 لک 40 هزار رپيا وصول ڪيا.جوابدار موجب ايجنٽ چانهه جي ڪوپن اندر لڪائي جعلي ويزا اسٽيڪر ۽ سفارتخاني جي جعلي مهر ڪوريئر ذريعي موڪلي هئي. بعد ۾ هن ايجنٽ جي هدايتن تي عمل ڪندي پاڻ ئي پاسپورٽ تي ويزا لڳايو ۽ جعلي مهر هنئي.ايف آءِ اي جوابدار کي وڌيڪ قانوني ڪارروائي لاءِ انساني اسمگلنگ مخالف سيل حوالي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته ملوث ايجنٽ جي ڳولا پڻ شروع ڪئي وئي آهي.
