پرڏيهه ۾ ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ڪندڙن لاءِ وڏي خوشخبري، ود هولڊنگ ٽيڪس 5 سيڪڙو مان گهٽائي 0.5 سيڪڙو

ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊ استعمال ڪندڙ پاڪستاني صارفين لاءِ وڏي رليف جو اعلان ڪندي پرڏيهه ۾ ٿيندڙ ٽرانزيڪشنز تي لاڳو ود هولڊنگ ٽيڪس 5 سيڪڙو مان گهٽائي صرف 0.5 سيڪڙو ڪري ڇڏيو آهي.ناڻي واري وزير موجب پاڪستاني بئنڪن جي ڊيبٽ ۽ ڪريڊٽ ڪارڊن ذريعي پرڏيهه يا عالمي آن لائن پليٽ فارمن تي ڪيل ادائيگين تي هاڻي صرف 0.5 سيڪڙو ود هولڊنگ ٽيڪس لاڳو ٿيندو، جنهن سان صارفين کي وڏو مالي فائدو حاصل ٿيندو.هن فيصلي کان پوءِ پرڏيهه سفر ڪندڙ ماڻهو هوٽلن، خريداري ۽ ٻين خرچن لاءِ ڪارڊ استعمال ڪرڻ تي تمام گهٽ ٽيڪس ادا ڪندا. اهڙي طرح بين الاقوامي سافٽ ويئر، ڊجيٽل ٽولز ۽ ڪلائوڊ سروسز جون سبسڪرپشنون خريد ڪندڙ فردن ۽ ڪمپنين کي به اهم رليف ملندو.حڪومت جي هن قدم سان عالمي اي ڪامرس ويب سائيٽن تان خريداري ڪندڙ صارفين لاءِ بين الاقوامي ادائيگيون وڌيڪ سستيون ۽ آسان ٿي وينديون.معاشي ماهرن موجب ٽيڪس ۾ وڏي گهٽتائي سان قانوني بئنڪنگ چينلن جي استعمال ۾ اضافو ٿيندو ۽ ماڻهو حوالا يا هنڊي بدران باقاعده بئنڪنگ نظام ذريعي ادائيگيون ڪرڻ کي ترجيح ڏيندا، جنهن سان دستاويزي معيشت کي هٿي ملندي.

پنھنجي راءِ لکو