ڪراچي ۾ منشيات اسمگلنگ جي وڏي ڪوشش ناڪام، 24 ڪلو چرس هٿ، 3 جوابدار گرفتار

ڪراچي: شاهه لطيف ٽائون پوليس ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي پشاور مان آندل منشيات شهر ۾ اسمگل ڪرڻ جي وڏي ڪوشش ناڪام بڻائي ڇڏي. پوليس رڪشي جي ڳجهن خانن مان 24 ڪلو اعليٰ معيار جي چرس هٿ ڪري 3 اهم جوابدارن کي گرفتار ڪري ورتو.ايس ايس پي ملير عبدالخالق پيرزادو موجب ايس ايڇ او شاهه لطيف ٽائون منشيات فروشن خلاف ان وقت ڇاپو هنيو، جڏهن جوابدار رڪشي ذريعي منشيات جي فراهمي ۽ وڪري لاءِ وڃي رهيا هئا.تلاشي دوران رڪشي ۾ ٺاهيل خاص ڳجهن خانن مان لکين رپين ماليت جي چرس هٿ آئي. ڪارروائي دوران عظمت خان، اختر منير ۽ عمران گل کي گرفتار ڪيو ويو، جڏهن ته سندن قبضي مان موبائل فون ۽ روڪ رقم پڻ هٿ ڪئي وئي.پوليس منشيات جي ترسيل لاءِ استعمال ٿيندڙ رڪشي کي به پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏهن ته وڌيڪ جاچ جاري آهي.

پنھنجي راءِ لکو