نيويارڪ: ٽيڪنالاجي ۽ خلائي تحقيق واري مشهور ڪمپني اسپيس ايڪس آمريڪي تاريخ جو سڀ کان وڏو آءِ پي او (Initial Public Offering) متعارف ڪرائي عالمي مالي مارڪيٽن ۾ هلچل مچائي ڇڏي آهي.رپورٽن موجب ڪمپني پنهنجي آءِ پي او ذريعي 75 ارب ڊالر کان وڌيڪ فنڊ گڏ ڪري نئون رڪارڊ قائم ڪيو آهي. ڪمپني جي شيئرن جي شروعاتي قيمت 135 ڊالر في شيئر مقرر ڪئي وئي، جڏهن ته 55 ڪروڙ 55 لک کان وڌيڪ شيئر وڪري لاءِ پيش ڪيا ويا.مالي ذريعن موجب سيڙپڪارن طرفان 100 ارب ڊالر کان وڌيڪ جا آرڊر وصول ٿيا، جيڪي مقرر حد کان ڪيترائي ڀيرا وڌيڪ هئا. ان غير معمولي دلچسپي کان پوءِ ڪمپني جي مجموعي ماليت 1.77 ٽريلين ڊالر تائين پهچي وئي.اسپيس ايڪس جا شيئر “SPCX” جي نالي سان نيسڊيڪ تي واپار لاءِ پيش ڪيا ويا، جنهن کان پوءِ ڪمپني آمريڪا جي وڏين پبلڪ لسٽڊ ڪمپنين ۾ شامل ٿي وئي.ڪمپني پنهنجي 30 سيڪڙو شيئرن کي عام سيڙپڪارن لاءِ مخصوص ڪيو هو، جنهن سبب عوامي سطح تي به وڏي دلچسپي ڏسڻ ۾ آئي.ماهرن جو چوڻ آهي ته ڪمپني جي پبلڪ ٿيڻ باوجود ايلون مسڪ وٽ 82 سيڪڙو ووٽنگ پاور برقرار رهندي، جنهن سان ڪمپني تي سندس ڪنٽرول مضبوط رهندو.عالمي مالي تجزيه نگارن اسپيس ايڪس جي موجوده ماليت ۽ مستقبل جي منافعي کي تاريخي ۽ غير معمولي قرار ڏنو آهي.
