وفاقي تحقيقاتي اداري (ايف آءِ اي) جي سي پورٽ ٽيم ڪراچي ۾ وڏي ڪارروائي ڪندي بين الاقوامي هنڊي حواله نيٽ ورڪ کي بي نقاب ڪري ڇڏيو آهي۔
ڪارروائي دوران 38 لک روپيا برآمد ڪري جهاز جي ڪپتان ۽ لانچ مالڪ سميت اهم ملزمان کي گرفتار ڪيو ويو آهي۔ ايف آءِ اي ترجمان موجب ملزمان ايراني شراب جي اسمگلنگ ۽ ان مان حاصل ٿيندڙ رقم کي هنڊي حواله ذريعي پاڪستان منتقل ڪرڻ ۾ ملوث هئا۔
تحقيق ۾ اهو به سامهون آيو ته دبئي ۾ موجود هڪ بحري لانچ “العرفان” کي 80 لک روپين ۾ وڪرو ڪيو ويو، جنهن جي رقم به غير قانوني طريقي سان پاڪستان منتقل ڪئي وئي۔ابتدائي جاچ موجب غلام حسين نالي شخص هن نيٽ ورڪ ۾ اهم سهولتڪار طور ڪم ڪري رهيو هو۔ گرفتار ملزمان ۾ ڪپتان عبدالسلام ۽ لانچ مالڪ منصور بلوچ شامل آهن، جڏهن ته سندن موبائل فونز فرانزڪ لاءِ قبضي ۾ ورتا ويا آهن۔ايف آءِ اي سڀني ملزمان خلاف ڪيس داخل ڪري ورتو آهي ۽ برآمد ٿيل رقم سميت کين وڌيڪ جاچ لاءِ ايف آءِ اي ڪمرشل بينڪس سرڪل ڪراچي حوالي ڪيو ويو آهي۔ اختيارين موجب مالي ڏوهن، هنڊي حواله ۽ مني لانڊرنگ خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون۔
