گوادر: مڪران جي سامونڊي پٽي تي ڪاري ۽ چپچپي خام تيل جهڙي مادّي جي پکڙجڻ کان پوءِ ماحولياتي ماهرن ۽ مقامي ماهيگيرن ۾ ڳڻتي وڌي وئي آهي. گوادر جي اولهه واري سامونڊي ڪناري تي ڪيترن ئي ڪلوميٽرن تائين پکڙيل هن مادّي کي ابتدائي جاچ دوران پيٽروليم جي خام مال طور سڃاتو ويو آهي.سامونڊي ماهرن موجب امڪان آهي ته کليل ۽ اونهي سمنڊ ۾ خام تيل کڻي ويندڙ ڪو وڏو جهاز يا آئل ٽينڪر حادثي جو شڪار ٿيو هجي، جنهن سبب تيل سمنڊ ۾ پکڙجي ويو. ماهرن جو چوڻ آهي ته آبنائي هرمز ۽ خليجي علائقي ۾ موجود ڇڪتاڻ جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي ڪنهن بحري حادثي جو امڪان رد نٿو ڪري سگهجي.ماهرن خبردار ڪيو آهي ته خام تيل جي هي آلودگي سامونڊي ماحول لاءِ وڏو خطرو بڻجي سگهي ٿي. تيل جي تهه پاڻي ۾ آڪسيجن جي فراهمي متاثر ڪري سگهي ٿي، جنهن سبب مڇيون، مرجاني چٽانون ۽ ٻيون سامونڊي جيوت متاثر ٿي سگهن ٿيون. ان سان گڏ ماهيگيري جي شعبي ۽ مقامي معيشت کي به نقصان پهچڻ جو خدشو ظاهر ڪيو ويو آهي.
