اورنگي ٽائون ۾ نوجوان حمزه جي مبينا قتل واري ڪيس ۾ گرفتار ليڊي پوليس اهلڪار دعا تفتيش دوران پنهنجي ڏوهه ۽ خانداني تڪرار جو اعتراف ڪري ورتو آهي۔پوليس موجب دعا پنهنجي اڳوڻي مڙس فهد سان گڏجي پنهنجي موجوده مڙس حمزه کي رستي تان هٽائڻ جي سازش ڪئي هئي۔ ابتدائي تحقيق مطابق واقعي کي خودڪشي جو رنگ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي وئي، پر ڪرائم سين مان واضح ٿيو ته حمزه کي بيدردي سان قتل ڪيو ويو هو۔پوليس اختيارين موجب ملزمه جو اڳوڻو مڙس فهد فرار آهي ۽ سندس گرفتاري لاءِ ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ دعا هن وقت پوليس جي تحويل ۾ آهي ۽ وڌيڪ جاچ جاري آهي۔
