اسلام آباد: وزيراعظم شهباز شريف هڪ ڀيرو ٻيهر مخالف ڌر کي ڳالهين جي دعوت ڏيندي چيو آهي ته اپوزيشن وارا اسان جا ڀائر آهن، اچو ويهي ملڪ جي مسئلن تي ڳالهه ٻولهه ڪريون، مان وزيراعظم جي حيثيت سان به ڳالهين لاءِ تيار آهيان.
ومي اسيمبلي جي اجلاس کي خطاب ڪندي وزيراعظم چيو ته ايوان ۾ ملڪ جي هر حصي مان چونڊيل نمائندا موجود آهن ۽ پاڪستان جي بقا ۽ ترقي اسان سڀني جي گڏيل ذميواري آهي.هن خطاب دوران پي ٽي آءِ جي سينيئر ميمبر ثناءُ الله مستي خيل جو ذڪر ڪندي چيو ته سندس سان پراڻو ۽ ڀائرن جهڙو تعلق آهي ۽ هو کيس چڱي طرح سڃاڻي ٿو.شهباز شريف چيو ته جڏهن هو مخالف ڌر جو اڳواڻ هو ته سندس مفاهمتي آڇن کي رد ڪيو ويو، پر اڄ به هو سياسي جماعتن وچ ۾ ڳالهين ۽ اتفاقِ راءِ جو حامي آهي.وزيراعظم چيو ته صوبن جا وسيلا انهن جي پنهنجي ملڪيت آهن ۽ ان معاملي تي ڪنهن به قسم جو اختلاف نه هجڻ گهرجي. هن چيو ته ريكوڊڪ منصوبي ۾ بلوچستان جي عوام جا حق محفوظ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته 2010ع جي اين ايف سي ايوارڊ ۾ بلوچستان جو حصو ٻيڻو ڪيو ويو هو.هن وڌيڪ چيو ته بلوچستان جي آبادگارن کي مفت سولر پينل فراهم ڪرڻ واري منصوبي تي 75 ارب رپيا خرچ ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته صوبي ۾ هڪ اهم شاهراهه جي تعمير تي 300 ارب رپين کان وڌيڪ خرچ ٿيندو.ملڪي سلامتي بابت ڳالهائيندي وزيراعظم مظفرآباد هيليڪاپٽر حادثي ۾ شهيد ٿيل فوجي جوانن کي ڀيٽا پيش ڪئي ۽ چيو ته دهشتگردي خلاف جنگ ۽ ملڪ جي دفاع لاءِ پاڪ فوج جون قربانيون وسارڻ جوڳيون ناهن.هن چيو ته وطن جي شهيدن جي قربانين جو احترام ڪرڻ هر پاڪستاني جو فرض آهي.
