ايراني پرڏيهي وزارت جي ترجمان Esmail Baghaei اعلان ڪيو آهي ته ايران ۽ آمريڪا جي صدرن مفاهمتي يادداشت جي مڪمل متن تي دور کان اليڪٽرانڪ صحيحون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن بعد معاهدو قانوني طور لاڳو ٿي ويو آهي.ترجمان موجب جمعي تي Geneva ۾ متوقع ملاقات معاهدي تي صحيح لاءِ نه هوندي، جڏهن ته سوئٽزرلينڊ ۾ ملاقات بابت حتمي فيصلو ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن ۾ ٿيڻ جو امڪان آهي. بهرحال ڳالهين واريون ٽيمون پنهنجي شيڊول موجب شرڪت ڪنديون.اسماعيل بقائي چيو ته ايران وٽ افزودہ يورينيم کي گهٽ درجي تي آڻڻ جو اختيار موجود آهي، پر ايراني جوهري مواد ملڪ کان ٻاهر نه موڪليو ويندو. هن واضح ڪيو ته ايران جي ميزائل پروگرام تي ڪا به ڳالهه ٻولهه نه ٿيندي ۽ ڪنهن ٻئي ملڪ طرفان ان معاملي تي ڳالهائڻ به قبول نه ڪيو ويندو.هن وڌيڪ چيو ته معاهدي تحت Strait of Hormuz مان گذرندڙ جهازن کي فراهم ڪيل خدمتن جي بدلي فيس ورتي ويندي. ان سان گڏ ايندڙ 60 ڏينهن دوران ٻنهي ڌرين کي علائقي ۾ فوجي موجودگي وڌائڻ يا نيون پابنديون لاڳو ڪرڻ کان پاسو ڪرڻو پوندو.ايراني ترجمان موجب ايران تي لاڳو تيل جون پابنديون ختم ٿيڻ گهرجن ۽ ملڪ کي فوري طور پنهنجو تيل وڪڻڻ جي اجازت ملڻ گهرجي. هن اهو به مطالبو ڪيو ته آمريڪا ايران جي منجمد اثاثن تائين رسائي ۾ موجود رڪاوٽون ختم ڪري۔
