فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي اٺين ڏينهن گروپ ايل جي اهم ميچ ۾ انگلينڊ ڪرويشيا کي 2 جي مقابلي ۾ 4 گولن سان شڪست ڏئي ڇڏي. ٽيڪساس ۾ کيڏيل هن دلچسپ مقابلي ۾ ٻنهي ٽيمن شاندار راند پيش ڪئي، پر آخر ۾ ڪاميابي انگلش ٽيم کي ملي.پهريون هاف انتهائي سنسني خيز رهيو. 12هين منٽ ۾ هيـري ڪين پنالٽي تي گول ڪري انگلينڊ کي اڳڀرائي ڏياري. 36هين منٽ ۾ ڪرويشيا جي مارٽن گول ڪري مقابلو 1-1 برابر ڪيو.صرف 6 منٽن بعد هيـري ڪين هڪ ٻيو گول ڪري انگلينڊ کي ٻيهر برتري ڏياري، پر پهرين هاف جي پڄاڻي کان اڳ پيٽر موسا گول ڪري اسڪور 2-2 برابر ڪري ڇڏيو.ٻئي هاف ۾ انگلينڊ وڌيڪ جارحانه راند کيڏي. 47هين منٽ ۾ جوڊ بيلنگهم گول ڪيو ۽ 85هين منٽ ۾ مارڪس ريشفورڊ گول ڪري ميچ 4-2 تان انگلينڊ جي حق ۾ ختم ٿي.
