پاڪستان جي ميزباني هيٺ آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٿيل امن معاهدي جي باضابطه تقريب سڀاڻي جمعي تي سوئٽزرلينڊ جي شهر Lucerne ۾ منعقد ٿيندي.
ذريعن موجب عالمي سفارتڪاري جو اهم مرڪز بڻيل لوسرن ۾ تقريب جون تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جڏهن ته پاڪستان جو ابتدائي سفارتي وفد پڻ سوئٽزرلينڊ پهچي چڪو آهي. وفد جي اڳواڻي Amna Baloch ڪري رهي آهي.وزيراعظم Shehbaz Sharif جي سربراهي ۾ پاڪستاني وفد اڄ سوئٽزرلينڊ روانو ٿيندو. تقريب ۾ مختلف ملڪن جا سفارتي وفد، عالمي ميڊيا جا نمائندا، مبصر ۽ سيڪيورٽي عملدار پڻ شرڪت ڪندا.،لتقريب Bürgenstock Resort ۾ منعقد ڪئي ويندي، جيڪو قطر جي ملڪيت وارو مشهور ريزورٽ آهي. ذريعن موجب تقريب سبب لوسرن شهر جا 92 سيڪڙو هوٽل اڳواٽ بُڪ ٿي چڪا آهن.ياد رهي ته آمريڪي صدر Donald Trump ۽ ايراني صدر Masoud Pezeshkian ’’اسلام آباد مفاهمتي يادداشت‘‘ تي اليڪٽرانڪ صحيحون ڪري چڪا آهن. وائيٽ هائوس پاران معاهدي تي صحيح جي وڊيو پڻ جاري ڪئي وئي، جڏهن ته فرانسيسي صدر Emmanuel Macron به ان موقعي تي موجود هو۔
