فيفا ورلڊ ڪپ 2026 ۾ دلچسپ مقابلن جو سلسلو جاري آهي، جتي آمريڪا، مراڪش ۽ برازيل پنهنجا پنهنجا ميچ کٽي اهم ڪاميابيون حاصل ڪري ورتيون آهن.هڪ اهم مقابلي ۾ آمريڪا آسٽريليا کي شڪست ڏئي فتح ماڻي. آمريڪي ٽيم جي ڪيمرون برجيس ۽ ايلڪس فري مين شاندار راند جو مظاهرو ڪيو، جڏهن ته آسٽريليا جي ٽيم ڪو به گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.هن ڪاميابي سان آمريڪا فيفا ورلڊ ڪپ جي 96 سالن جي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لڳاتار ٻه ميچ کٽڻ جو اعزاز حاصل ڪيو آهي. آمريڪي ٽيم 6 پوائنٽن سان پنهنجي گروپ ۾ پهرين نمبر تي اچي ايندڙ مرحلي لاءِ به ڪواليفاءِ ڪري ورتو آهي.ٻئي ميچ ۾ مراڪش اسڪاٽ لينڊ کي صفر جي مقابلي ۾ هڪ گول سان شڪست ڏني. اسڪاٽ لينڊ جي ٽيم ڀرپور ڪوششن باوجود گول ڪرڻ ۾ ناڪام رهي.هڪ ٻئي هڪ طرفي مقابلي ۾ برازيل هيٽي کي 3-0 تان شڪست ڏئي پنهنجي طاقت جو مظاهرو ڪيو. هيٽي جي ٽيم سڄي ميچ دوران ڪو به گول نه ڪري سگهي.ٻين ميچن ۾ ترڪيه ۽ پيراگوئي وچ ۾ سخت مقابلو جاري آهي، جڏهن ته نيدرلينڊز ۽ سويڊن جون ٽيمون رات 10 وڳي هڪ ٻئي جي مقابلي ۾ اينديون.
