لاهور: لاهور ايئرپورٽ تي پي آءِ اي ڪارگو انتظاميا جي مبينا غفلت سامهون آئي آهي، جتي ڪروڙين رپين جي ماليت واري جديد اسڪيننگ مشين گذريل ٽن مهينن کان غيرفعال هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي.ذريعن موجب جديد اسڪيننگ مشين اڃا تائين ڪنٽينر ۾ بند پئي آهي ۽ ان کي مڪمل طور نصب ڪري آپريشنل نه بڻايو ويو آهي. مشين فعال نه هجڻ سبب برطانيا، ڪينيڊا ۽ وچ اوڀر ڏانهن ويندڙ ڪارگو جي اسڪيننگ خانگي آپريٽرن کان ڪرائي پئي وڃي.ايئرپورٽ ذريعن جو چوڻ آهي ته مشين جي انسٽاليشن ۽ آپريشنل ٿيڻ جو عمل مڪمل نه ٿيڻ سبب قومي ايئرلائن کي مالي نقصان کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.ٻئي طرف Pakistan International Airlines (PIA) جي ترجمان موجب برطانوي ۽ يورپي معيارن مطابق ڊوئل ويو اسڪيننگ مشين نصب ڪئي پئي وڃي. ترجمان دعويٰ ڪئي آهي ته ڪروڙين رپين جي هي جديد مشين سومر تائين هر صورت ۾ فعال بڻائي ويندي.ترجمان وڌيڪ چيو ته ڪارگو آپريشن متاثر نه ٿيو آهي ۽ انٽرلائن معاهدن تحت اسڪيننگ جو عمل معمول مطابق جاري آهي.
