عامر خان ۽ گوري اسپرٽ جي مبينا شادي جي تصوير وائرل، سوشل ميڊيا تي بحث

بالي ووڊ جي مشهور اداڪار ۽ گوري اسپرٽ جي شادي بابت هڪ تصوير سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي، جنهن تي مداحن ۾ گهڻي دلچسپي ۽ بحث جاري آهي۔سوشل ميڊيا تي شيئر ٿيل تصوير ۾ دعويٰ ڪئي پئي وڃي ته عامر خان پنهنجي گهر جي ڊرائنگ روم ۾ ڪاٺ جي ميز تي ويهي ميرج رجسٽر تي صحيحون ڪري رهيا آهن، جڏهن ته گوري اسپرٽ به ساڻس گڏ موجود آهي.تصوير ۾ عامر خان سادي ڪريم رنگ جي ڪُرتي ۾ نظر اچي رهيا آهن، جڏهن ته گوري اسپرٽ آئيوري رنگ جو لباس ۽ هلڪي جيولري پاتل آهي.هن وقت تائين هن شادي يا تصوير بابت ڪا به سرڪاري تصديق سامهون ناهي آئي، پر اها خبر سوشل ميڊيا تي تيزي سان وائرل ٿي رهي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو