پي سي بي جو جديد قدم، نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ “ٽرو مين 3” بولنگ مشين نصب

پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ (Pakistan Cricket Board) رانديگرن جي ڪارڪردگي کي جديد انداز ۾ بهتر بڻائڻ لاءِ قومي ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ هڪ اهم قدم کنيو آهي۔نيشنل ڪرڪيٽ اڪيڊمي (National Cricket Academy) ۾ جديد “ٽرو مين 3” بولنگ مشين لڳائي وئي آهي، جيڪا رانديگرن کي ميچ جهڙي حقيقي صورتحال ۾ مشق جو موقعو فراهم ڪندي۔هن مشين جي خاص ڳالهه اها آهي ته ان جي فرنٽ اسڪرين تي هاءِ ڪنٽراسٽ ايل اي ڊي اينيميشن ذريعي بالر جو ايڪشن ڏيکاريو ويندو آهيهن ٽيڪنالاجي سان بيٽرز کي رليز پوائنٽ، رن اپ ۽ ٽائمنگ بهتر سمجهڻ ۾ مدد ملندي، جنهن سان انهن جي ڪارڪردگي بهتر ٿيڻ جي اميد آهي۔

پنھنجي راءِ لکو