گلگت بلتستان ۾ پيپلز پارٽي ۽ آءِ پي پي وچ ۾ پاور شيئرنگ فارمولو طئي

گلگت بلتستان ۾ حڪومت سازي ۽ اختيارن جي ورهاست بابت پاڪستان پيپلز پارٽي (پي پي پي) ۽ استحڪام پاڪستان پارٽي (آءِ پي پي) وچ ۾ پاور شيئرنگ جو فارمولو طئي ٿي ويو آهي.ذريعن موجب پيپلز پارٽي جي اعليٰ قيادت گلگت بلتستان لاءِ پاور شيئرنگ واري فارمولي جي باقاعده منظوري ڏئي ڇڏي آهي. طئي ٿيل فارمولي تحت استحڪام پاڪستان پارٽي کي ڪابينا ۾ سيٽن جي تناسب سان نمائندگي ڏني ويندي.ذريعن جو چوڻ آهي ته آءِ پي پي شروعات ۾ ڪابينا ۾ چار وزارتن جو مطالبو ڪيو هو، پر اتفاق کان پوءِ پارٽي کي ٻه وزارتون ملڻ جو امڪان آهي، جن مان هڪ اهم وزارت هوندي.پيپلز پارٽي جي ذريعن موجب استحڪام پاڪستان پارٽي جي قيادت اڃا تائين پنهنجي ترجيحي وزارتن جا نالا فراهم نه ڪيا آهن. نالا ملڻ کان پوءِ ڪابينا جي حتمي جوڙجڪ ۽ وزارتن جا قلمدان باضابطه طور ورهايا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو