پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ صفحي تي هجن ها ته حالتون مختلف هجن ها، مصطفىٰ ڪمال

اسلام آباد: وفاقي وزير صحت مصطفىٰ ڪمال چيو آهي ته جيڪڏهن پيپلز پارٽي ۽ ايم ڪيو ايم هڪ صفحي تي هجن ها ته ملڪ ۽ ڪراچي جون حالتون مختلف هجن ها. هن چيو ته شهرن ۽ ڳوٺن کي پنهنجن اختيارن لاءِ نه ترسڻو پوي ها.

سندس چوڻ هو ته ڪراچي کي اين ايف سي ايوارڊ تحت ملندڙ فنڊ مڪمل طور نه مليا، جڏهن ته مقامي حڪومتن کي بااختيار بڻائڻ سان ئي حقيقي صوبائي خودمختياري ممڪن بڻجي سگهندي.

پنھنجي راءِ لکو