ڊيره اسماعيل خان: خيبر پختونخوا جي ضلعي ڊيره اسماعيل خان جي تحصيل پنياله جي علائقي شاهه حسن خيل ۾ ٻن مخالف ڌرين وچ ۾ هٿياربند جهيڙي دوران 6 ڄڻا فوت ۽ 2 زخمي ٿي پيا.پوليس موجب واقعو مبينا پراڻي دشمني سبب پيش آيو، جتي ٻنهي ڌرين هڪ ٻئي تي بي ڌڙڪ فائرنگ ڪئي. شروعاتي ڄاڻ موجب فوت ٿيلن مان 5 ڄڻا هڪ ڌر سان جڏهن ته هڪ ڄڻو ٻي ڌر سان واسطو رکي ٿو.اطلاع ملندي ئي پوليس جي وڏي نفري واقعي واري هنڌ پهچي علائقي کي گهيري ۾ وٺي ڇڏيو. پوليس اختيارين موجب وقفي وقفي سان فائرنگ جاري رهڻ سبب علائقي ۾ خوف ۽ هراس پکڙجي ويو.زخمين کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويو آهي، جڏهن ته امن امان برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ پوليس نفري طلب ڪئي وئي آهي. پوليس واقعي جي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي.
