حيدرآباد: سنڌ جي شهر حيدرآباد ۾ اٽي جي اگهن ۾ لڳاتار واڌ سبب شهرين جون پريشانيون وڌي ويون آهن. شهر ۾ اٽو 145 رپيا في ڪلو تائين وڪرو ٿي رهيو آهي، جنهن ڪري عام ماڻهن لاءِ روزاني ضرورتون پوريون ڪرڻ ڏکيو بڻجي ويو آهي.
رپورٽن موجب ڪڻڪ ۽ اٽي جي قيمتن ۾ بي ضابطه واڌ، ذخيره اندوزي ۽ خوراڪ کاتي جي غير مؤثر قدمن سبب صورتحال وڌيڪ خراب ٿي رهي آهي. شهرين جو چوڻ آهي ته وڌندڙ مهانگائي سندن خريداري جي سگهه کي سخت متاثر ڪيو آهي ۽ هو مهانگي اگهه تي اٽو خريد ڪرڻ تي مجبور آهن.ذريعن موجب غير قانوني ذخيره اندوزي سبب مصنوعي کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن خلاف فوري ۽ سخت ڪارروائي جي ضرورت آهي. ماهرن جو چوڻ آهي ته اگهن کي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ذخيره اندوزي جو خاتمو ۽ ڪڻڪ جي بروقت درآمد ضروري بڻجي چڪي آهي.
