ايبولا وائرس ڪانگو جي هڪ ٻئي صوبي تائين پکڙجي ويو

ايبولا وائرس ڪانگو جي هڪ ٻئي صوبي تائين پکڙجي ويوڊيموڪريٽڪ ريپبلڪ آف ڪانگو ۾ ايبولا وائرس وڌيڪ پکڙجي ويو آهي ۽ هڪ اهڙي صوبي مان به ڪيس سامهون آيو آهي، جيڪو اڳ ۾ وبا کان متاثر نه هو.صحت کاتي جي اختيارين موجب متاثر ٿيل شخص ٽيڪسي ڊرائيور هو، جيڪو باس يويل صوبي جو سفر ڪري چڪو هو. بعد ۾ سندس موت ٿي وئي، جنهن سبب اختيارين کي خدشو آهي ته وائرس وڌيڪ علائقن تائين پکڙجي سگهي ٿو.ڪانگو جي نيشنل انسٽيٽيوٽ فار بايوميڊيڪل ريسرچ جي سربراهه ژاں جیکس موئيمبے موجب متاثر شخص جي اچ وڃ سبب وائرس جي وڌيڪ منتقلي جا خدشا وڌي ويا آهن.اختيارين موجب ايبولا وائرس سبب فوتگين جو انگ 2 هزار 11 تائين پهچي ويو آهي، جڏهن ته ملڪ جي پنجن صوبن ۾ 4 هزار 381 تصديق ٿيل ڪيس رپورٽ ٿي چڪا آهن.صحت کاتي جو چوڻ آهي ته وائرس جي پکيڙ کي روڪڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن، پر صورتحال اڃا به ڳڻتي جوڳي آهي.